عبدالله مري مولانا

عبدالله مري، مولانا: نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو اڳواڻ مولانا عبدالله مري ولد حاجي قيصر خان مري، 9 رمضان 1318 هه مطابق پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ الهه بخش مري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد جي مدرسي ‘مڪتب محمديه’ ۾ مولوي محمد طاهر چني کان ورتي. بعد ۾ نصرپور ۾ مولانا قاضي تاج محمد وٽ تعليم پوري ڪري فارغ التحصيل ٿيو. هن 1922ع ڌاري پنهنجي ڳوٺ ۾ ‘مدرسه ڪماليه’ جي نالي سان مدرسي جو بنياد وڌو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد درس تدريس جي عمل سان لاڳاپجي ويو. هن مولانا تاج محمد نصرپوريءَ جي صحبت ۾ اچي خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڳوٺ ۾ خلافت تحريڪ جي آفيس کولي، جنهن جو پاڻ سيڪريٽري مقرر ٿيو. هن تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هو سنڌ جي ميلن ملاکڙن ۾ سنڌي ماڻهن ۾ انگريز سرڪار خلاف نفرت پيدا ڪري ماڻهن ۾ بيداريءَ جو پرچار ڪندو رهيو. جنهن سبب انگريز دشمنيءَ جي پاداش ۾ جيل جي سزا به ڀوڳڻي پيس. پر هو وطن جي آزاديءَ کان نه ڦريو. ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ عملي سياست کان ڪناره ڪش رهي ديني خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هيءُ درس سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو به ڪم ڪندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘شان مسلم’ (1971ع)، ‘مشڪل ڪشا’ (1974ع)، ‘فقراءِ محمدي’ (حصو پهريون: 1975ع ۽ حصو ٻيو 1977ع)، ‘سهڻا سخن’ (1979ع) وغيره قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.01.01  عيسوي

نامور عالم ۽ خلافت تحريڪ جو اڳواڻ مولانا عبدالله مري ولد حاجي قيصر خان مري، 9 رمضان 1318 هه مطابق پهرين جنوري 1901ع تي ڳوٺ الهه بخش مري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ عبدالله حامدي
شاهه عنايت الله جيلاني
عبدالحڪيم مولانا
الحاج سيد پير الهيار شاهه
حافظ محمد يوسف ٽکڙائي
سيد حيدر شاهه1
شهيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري
عبدالحميد پلي فقير
شاهه ولي ٺٽوي سيد
سيد غلام علي شاهه
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون